دٻلي ٻيٽ جي جنگ

دٻلي ٻيٽ جي جنگ: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي، صادق محمد خان دائودپوٽي کان شڪارپور فتح ڪيو، تڏهن صادق محمد خان شڪارپور مان نڪري خانپور پهتو، پر اتي به ڪلهوڙن چڙهائي ڪئي، جنهن کانپوءِ صادق خان اهل و عيال سميت سنڌونديءَ جي هڪ ٻيٽدٻلي‘ ۾ وڃي رهيو.
ميان نور محمد خان ڪلهوڙي شڪارپور ۽ خانپور جي انتظام سنڀالڻ کانپوءِ مير شهداد خان ٽالپر کي دٻلي ٻيٽ فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو، دٻلي ٻيٽ ۾ ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو گهڻو نقصان ٿيو، آخرڪار اُچ جي سجاده نشين دائودپوٽن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو.
1140هه/ 1728ع ۾ دائودپوٽا دٻلي ٻيٽ مان نڪري وڃي ملتان جـي علائقي ۾ آباد ٿيا، اتي هنن کي ڪجهه زمينون جاگير ۾ مليون. جڏهن نادر شاهه افشار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن نادر شاهه شڪارپور شهر تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ شهر دائودپوٽن جي حوالي ڪيو“.




هن صفحي کي شيئر ڪريو